خيرالنساءِ جعفري

خيرالنساءِ جعفري

خيرالنساءِ جعفري

خيرالنساءِ جعفري: سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار ۽ نقاد خيرالنساءِ جعفريءَ، 17 آگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، جڏهن ته سندس والدين تلهار، ضلعي بدين جا هئا. بنيادي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪرڻ بعد نفسيات ۾ پوسٽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نفسيات واري شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. خيرالنساءِ جعفريءَ باقاعدي لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي 1974ع ۾ ماهوار ’سوجهري‘ ۾ شايع ٿي. هن ڪهاڻين ۾ سماجي اڻبرابريءَ ۽ بُراين جو ذڪر جاندار نموني ۽ منفرد اسلوب ۾ ڪيو آهي.
هندستان ياترا ڪرڻ بعد هڪ سفرنامو به لکيائين، جيڪو سندس ڪتاب ’منهنجو تخليقي سفر‘ ۾ شامل آهي. خيرالنساءِ مختلف موضوعن تي مضمون به تحرير ڪيا، جن ۾ ٻارن جي نفسيات تي لکيل سندس مضمون وڏي اهميت وارا آهن. جيئن ته سندس موضوع ’نفسيات‘ هو، ان ڪري سندس ڪهاڻين ۽ ٻين تحريرن ۾ داخلي احساسن ۽ جذبن جو نفسياتي اظهار جاندار انداز ۾ ملي ٿو. خيرالنساءِ جعفري 1974ع کان لاڳيتو ڪهاڻيون لکندي رهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’تخليق جو موت‘ جنوري 1978ع ۾ شايع ٿيو، جنهن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. سندس ڪهاڻي ’حويليءَ کان هاسٽل تائين‘ ۾ هڪ اهڙي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇِڪايو ويو آهي، جيڪو هڪ وڏي عرصي کان اسان جي سماج جي رڳن ۾ سرايت ڪري ويو آهي. هن عورت جي مظلوميت، ڪمتريءَ ۽ مجبوريءَ جو عڪس بيباڪ انداز ۾ پيش ڪيو آهي. خيرالنساءِ جعفريءَ جي سمورين تخليقن جو گڏيل مجموعو ’منهنجو تخليقي سفر‘ 1992ع ۾، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنهن ۾ سندس ڪهاڻين کان سواءِ ٻيون ڪهاڻيون، تقريرون، انٽرويو ۽ ڀارت جو سفرنامو به شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ، مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي.
خيرالنساءِ جعفريءَ 4 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي.


لفظ خيرالنساءِ جعفريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.17  عيسوي

سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار ۽ نقاد خيرالنساءِ جعفريءَ، 17 آگسٽ 1947ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو،


1998.03.04  عيسوي

خيرالنساءِ جعفريءَ 4 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيلاني سيد محمد صالح اصغر
صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
توخته بيگ
آفتاب سومرو
احمد محمد قاضي
رامانج آچاريه
اديب فيروز شاهي
امين اڏيرائي
شفيع محمد نظاماڻي
چنگيز اعتماتوف
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون